انقلابي شاعر فيض احمد فيض کي 39هين ورسي تي ڀيٽا پيش

لاهور (م ڊ) انقلابي شاعر فيض احمد فيض جي وڇوڙي کي 39 سال گذري ويا. انقلابي شاعري جي تاريخ فيض احمد فيض جي ذڪر بنا مڪمل  نٿي ٿي سگهي. فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911ع ۾ سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو. اهو پنهنجي خيالن جي بنياد تي 1936ع ۾ اديبن جي ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ٻي عالمي جنگ ۾ برطانوي فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي. فيض احمد فيض اردو کي عالمي سطح تي روشناس ڪرايو. هو واحد ايشيا جو شاعر هو جنهن کي روس طرفان لينن امن ايوارڊ سان نوازيو ويو، کيس پاڪستان جي نشان امتياز سميت ڪيترن ئي اعزازن سان به نوازيو ويو. هن سڄي ڄمار ظلم، ناانصافي ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد ڪئي. 20 نومبر 1984ع تي هو پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.