غيرقانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ جسقم جو ڪوٽڙي ۾ ڌرڻو

ڪوٽڙي(ن ع آ)افغانين جي نيڪالي لاءِ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جي اڳواڻي ۾ ڊي سي ڄامشورو  آفيس اڳيان جسقم ڪارڪنن جو هڪ هفتي تائين مسلسل رات ڏينهن جاري ڌرڻو،ڊي سي ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ سميت ڊي سي ون ڄامشورو، اي سي ڪوٽڙي ۽ مختيار ڪوٽڙي جي اچڻ تي ختم ڪيو ويو، جڏھن ته ڌرڻي ۾ جسقم اڳواڻ  ديدار شام، منور شيخ ،نواب بڙدي ،خالق مهراڻ، آصف ميراڻي ،ڪاشف عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ڊي سي ڄامشورو سميت سندس سموري ٽيم کي مان ڏيندي 10 ڏينهن جو ٽائيم ڏنو آهي ته وڃي افغانين خلاف سخت آپريشن ڪري کين واپس پنهنجي ڏيھه موڪليو وڃي، جيڪڏھن ڏھ ڏينهن ۾ ضلعي انتظاميا ڪو به ايڪشن نه کنيو ته ڄامشورو ۾ موجود افغانين جي ميگا سٽي لاکڙا ڪول مائينز جي مک روڊ نيشنل هاءِ وي تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، هنن چيو ته افغانين جي سهولتڪارن جو به گهيرو تنگ ڪيو ويندو، افغانين خلاف آپريشن ۾ نادرا جو ڪردار مذمت جوڳو آهي، نادرا ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جسقم جي احتجاجي ڌرڻي ۾ ايڊووڪيٽ فهيم انڙ، ايڊووڪيٽ عبدالحڪيم چانڊيو،ايڊووڪيٽ ولھار ڇڇر، ايڊووڪيٽ برڪت سولنگي،ايڊووڪيٽ علي رضا ميمڻ، اديب اختر رند، ذوالفقار هالار، ساقي منصور کوسو، مختيار هالو ،مولائي سليمان، وفا بلوچ جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن ۾ جسقم ضلعي مٽياري جي رشيد ڏيٿو، جسقم ضلعي سانگهڙ جي آزاد ڪنڀر، جساف سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻ علي ابڙو، قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ مقصود جهتيال، شبير ساند، ٻولهاڙي اتحاد جو سربراهه يوسف سارنگ، ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه ربنواز ابڙو، ايس يو پي قاري وزير مجاهدي، نثار لاکير اڳواڻ شبير ٻنگ، سيد عرفان علي شاھ، نديم چانڊيو، فشر ڦوڪ جي مرڪزي اڳواڻ محمد ملاح، سميت سوين جسقم ڪارڪن موجود رهيا، جڏهن ته رات جو ڊي سي ڄامشورو آفيس اڳيان  جسقم جي احتجاجي ڪئمپ تي ناليوارا راڳي اُستاد علي مراد جتوئي، وقار ملاح، وسيم سمون، فقير روشن جلال، ساجد سنڌي ۽ ٻين ڳائي مسلسل احتجاج ۾ ويٺل جسقم ڪارڪن جا جذبا بلند ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.