ڪراچي ۾ واپاري جي گهر مان ڦر ۾ مبينا پوليس ملوث هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان 80 تولا سون ۽ 2 ڪروڙ روپين جي ڦر ۾ مبينا پوليس ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي اولهه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. واپاري شاڪر جو چوڻ آهي ته 19 نومبر تي پوليس گاڏين ۾ سوار اهلڪارن تلاشي جي بهاني گهر ۾ گهڙي 80 تولا سون ۽ 2 ڪروڙ روپين جي ڦر ڪئي آهي. متاثر واپاري جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود پوليس مدد لاءِ نه پهتي ۽ واقعي جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ پوليس جي موبائيل سان گڏ نظر ايندڙ ويگو گاڏي ڊي ايس پي جي آهي، ڦرلٽ ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ خانگي ماڻهو به هئا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته واردات ۾ شامل اهلڪارن ۽ ڊي ايس پي جو تعلق ڏکڻ ضلعي سان آهي. واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا آهن. آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راجا لڳل ڌاڙي جي واردات جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي اولهه کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو واقعي جي غيرجانبداراڻي جاچ تي ٻڌل رپورٽ 24 ڪلاڪن اندر ڏئي ۽ وڌيڪ ضروري قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.