ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر سيد ذوالفقار علي شاهه پنهنجي ذاتي مصروفيتن ۽ خراب طبيعت سبب تحريڪ انصاف جي عهدي کي خدا حافظ چوندي سياست کان پاسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه پنهنجي رهائشگاهه سادات هائوس تي ميڊيا کي ٻڌايو ته مان ذاتي مصروفيتن ۽ طبيعت خراب هئڻ سبب پارٽي کي وقت نه ٿو ڏئي سگهان، جنهن سبب مان تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ سميت سياست کان پاسو اختيار ڪري رهيو آهيان.