اطلاعات کاتي ۾ محمد سليم خان کي ڊي جي پبلڪ ريليشنز طور ترقي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت محمد سليم خان کي سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي  جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي، سروسز جنرل اينڊ ايڊمنسٽريشن کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، هن وقت محمد سليم خان پريس سيڪريٽري ٽو گورنر سنڌ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي، گريڊ 20 جو آفيسر محمد سليم خان پبلڪ رليشنز ۽ ڪيترن ئي اهم عهدن ۾ ڪم ڪرڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو.

فيض آباد ڪميشن جو ڌرڻي بابت پيمرا کان ويڊيو رڪارڊ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) فيض آباد انڪوائري ڪميشن پيمرا کان ڌرڻي بابت وڊيو رڪارڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فيض آباد ڌرڻي  جي انڪوائري ڪميشن پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کان فيض آباد ڌرڻي بابت وڊيو رڪارڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن جو پهريون باضابطا اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت اڳوڻي آءِ جي اختر شاهه ڪئي جڏهن ته ڪميشن جو ميمبر اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.