ڄامشوري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پ پ ڪائونسلر جو نوجوان پٽ مارجي ويو

ڄامشورو ( رپورٽ: صدر جوڻيجو)  ڄامشورو ريلوي اسٽيشن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪائونسلر الهورايو ڀلائي  جي نوجوان پٽ 28 ورهين جي محسن رضا ڀلائي کي ڊيوٽي تي ويندي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان محسن رضا ڀلائي کي لمس اسپتال ڪم منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ لاش تعلقي اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو جتان ضروري ميڊيڪل بعد مڙهه سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن موجب اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ۽ نه ئي وقت کان اڳ ڪو بيان ڏيڻ چاهيون ٿا، ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ مقتول نوجوان جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز جو چوڻ هو ته جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو، مقتول نوجوان جي وارثن سان انصاف ٿيندو ٻئي پاسي ڄامشورو پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن افواهه آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪٻئي خلاف بيان ڏيڻ تي ڀلائي برادري ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، جهيڙي جي رد عمل واقعو ٿيڻ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. مقتول نوجوان محسن رضا ڀلائي جي جنازي سنڌ يونيورسٽي جي ورڪشاپ وٽ قبرستان ويجهو ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سهيل احمد شورو، ڄامشورو ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين بلال قادر شورو، ڀلائي برادري، استادن، سياسي، سماجي، علمي ادبي، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڄامشوري ۾ قتل ٿيل محسن ڀلائي کي 5 گوليون لڳڻ جي تصديق: رپورٽ پڌري

 ڄامشورو ( ن ع آ ) سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾   قتل ٿيل نوجوان محسن رضا ڀلائي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ نوجوان محسن رضا ڀلائي کي 5 گوليون لڳڻ جي تصديق ٿي آهي. ڊاڪٽرن موجب محسن رضا ڀلائي جي جسم ۾ 5 گوليون لڳل آهن، هڪ ڳچيءَ ۾ ، 2ڪلهي ۾، هڪ چيلهه ۽ هڪ ڳل ۾ گولي لڳل آهي.

ايس يو پي سربراهه سيد جلال شاهه ۽ زين شاهه پاران محسن ڀلائي جي قتل جي مذمت

ڄامشورو ( ن ع آ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ مرڪزي صدر سيد زين شاھه ڄامشوري ۾ نوجوان محسن  رضا ڀلائي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي، جاري ڪيل بيان ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته  نوجوان محسن رضا ڀلائي جو قتل ظلم آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، واقعي کانپوءِ ڄامشورو ۾ سوڳ واري صورتحال آهي.  سياسي سماجي، علمي ۽ ادبي ڌرين پاران واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته تازو بلدياتي چونڊن ۾  مقتول جو والد الهورايو ڀلائي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ٽڪيٽ تان ٽائون ڪميٽي ڄامشورو جي وارڊ نمبر 5 تان ڪاميابي ماڻي هئي ۽ بعد ۾ پ پ پ  ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان ملاقات ڪري پيءُ سان گڏ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ايس يو پي ڇڏي پ پ ۾ شموليت تي ٻنهي پيءُ پٽ کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، سوشل ميڊيا تي تنقيد سبب هن جي ڪيترن ئي ماڻهن سان منهن ماري پڻ ٿي هئي، نوجوان محسن رضا ڀلائي جي ڪجهه مهينا اڳ شادي ٿي هئي، هو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمت ڪندڙ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.