اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڄاڻ تائين رسائي جو حق (ترميمي) بل 23ع لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي موڪلي ڇڏيو. ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي تيمور تحريڪ پيش ڪئي ته ڄاڻ تائين رسائي جو حق ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ڄاڻ تائين رسائي جو حق (ترميمي) بل 23ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪميشن به سفارش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ضروري ٿيو ته ايڪٽ ۾ ترميمون تجويز ڪيون وينديون. سڌ سماءَ واري وزارت جي راءِ اها آهي ته ڪنهن ايڪٽ ۾ ترميم سان آئين جي آرٽيڪل کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهجي،