تانيه خاصخيلي قتل ڪيس، مک جوابدار کي عمر قيد ، دعا خاصخيلي روئي ويٺي

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) ڇھه سال اڳ سيوهڻ ڀرسان جهانگارا ۾ قتل ٿيل نوجوان ناري تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، ايڊيشنل سيشن جج سيوھڻ اورنگزيب عالمگير قاضي تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو،  عدالت پاران قتل ڪيس جي مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا  ٻڌائي وئي، عدالت ھٿيار ۽ پوليس سان مقابلي جي ٻئي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار خانو نوحاڻي کي 10 سال قيد ۽ 50 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، عدالت قتل ڪيس جي ھڪ ٻئي جوابدار عالي نوحاڻي کي بيڏوھي ثابت ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو ۽ عدالت مٿس 50 ھزار ڏنڊ وڌو جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مھينا قيد ڪاٽيندو، عدالت ڪيس جي ٽئين جوابدار مولا بخش نوحاڻي کي روپوش ھجڻ جي ڪري کيس اشتھاري قرار ڏنو ۽ سندس فائيل بند ڪري ڇڏيو عدالتي فيصلي موجب گرفتاري بعد مٿس ٻيھر ڪيس ھلايو ويندو، ھوڏانھن مک جوابدار خانو نوحاڻي عمر قيد جي سزا اچڻ جو فيصلو ٻڌي مقتولا تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي روئي ويٺي، عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي دعا خاصخيلي چيو ته قتل ڪيس جي فيصلي ۾ پورو انصاف نه ملي سگهيو آهي، فيصلي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنديس، جوابدار کي ڦاسي جي سزا اچڻ گھرجي ھا ته جيئن ٻيھر اھڙا ڏوھ رڪجي سگهن ۽ خانو نوحاڻي جھڙا ڏوھاري پيدا ٿي نه سگهن، جهانگارا ۾ زبردستي جي شادي کان انڪار ڪرڻ تي تانيا خاصخيلي کي 6 سال اڳ امڙ، ڀينرن ۽ ڀائرن سامهون جوابدار خانو نوحاڻيءَ ٽن ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.