اسلام آباد ( م ڊ) سينيٽ ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي پيپلز پارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني حمايت ڪئي. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف سينيٽ ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان غير جمهوري قوتن کي طاقت ملندي. ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر رضا رباني چيو ته گذريل سومر ڏينهن سينيٽ ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي هئي، اها قرارداد فوجي عدالتن بابت هئي، قرارداد سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، قرارداد هن ايوان جي اڪثريت جي عڪاسي نٿي ڪري، اجلاس جي آخري وقت ۾ قرارداد آندي وئي وئي ۽ ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ويو. سينيٽر رضا رباني جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن خلاف سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين موجب هو ۽ ان کي قبول ڪرڻ گهرجي ها. سينيٽ مان منظور ڪيل قرارداد جي مذمت ڪيون ٿا. ان موقعي تي سينيٽر مشتاق احمد فوجي عدالتن خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو. سينيٽر رضا رباني چيو ته مان سينيٽر مشتاق احمد جي قرارداد جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو. جنهن تي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي چيو ته معاملو هاڻي عدالت ۾ آهي، رضا صاحب توهان پاڻ ٻڌايو آهي. سينيٽر مشتاق چيو ته هي ٺهراءُ ايوان تي ڊرون حملو آهي، جمهوريت تي حملو آهي، ان سان غير جمهوري قوتون بااختيار ٿينديون، هي عدليه کي خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر دلاور خان چيو ته جنهن ڏينهن ڪورم پورو نه هو ته ڇا رضا رباني ننڊ ۾ هو، جيڪڏهن رضا رباني ڪورم جي نشاندهي ڪري ها ته اجلاس ملتوي ڪيو وڃي ها.