ڪراچي: ڊرم مان عورت جو لاش هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي

ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ڊرم مان عورت جو لاش ملڻ واري معاملي ۾ نئين اڳڀرائي ٿي آهي، مقتولا جي مڙس ڪراچي  پهچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. ڪيس ۾ حضرت الله ۽ صهيب کي نامزد ڪيو ويو آهي، مقتولڻ وزير مائي جو تعلق بهاولپور سان هو، هوءَ ڪراچي جي بنگلي تي ڪم ڪرڻ آئي هئي. مقتولا عورت جي مڙس منير حسين جو چوڻ آهي ته منهنجي زال روز شام جو مون سان موبائيل فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هئي، سندس فون هڪ هفتي کان بند هو، جنهن تي هن پنهنجي مائٽن کي خبر وٺڻ جو چيو. منير حسين چيو ته 18 نومبر تي مون کي خبر پئي ته زال جناح اسپتال ۾ آهي، جنهن تي ڪراچي لاءِ روانو ٿيس. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ دوران هينئر تائين هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڊفينس فيز 7 ۾ خالي پلاٽ ۾ رکيل ڊرم مان عورت جو لاش هٿ آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.