ميڊيڪل ٽيسٽ جو پيپر ٻيهر آئوٽ ٿيڻ نااهلي آهي: ايس ايس ٽي

حيدرآباد (پ ر) ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو ٻيھر آئوٽ ڪري ھزارين شاگردن جو مستقبل تباھ ڪيو ويو آھي. ٻيون دفعو پيپر ليڪ ٿيڻ ايم ڊي ڪيٽ انتظاميا جي نااھلي ظاھر ڪري ٿو. ھزارين شاگردن جي مستقبل سان راند کيڏڻ بند ڪئي وڃي. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، امجد سرگاڻي ۽ نويد عباس ڪلھوڙي پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي،هنن چيو ته ميڊيڪل ٽيسٽ دوران سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جا انتظام اڻپورا ھئا. انتظاميا جي نااھلي سبب ھزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت مشڪلاتون پيش آيون. ٽيسٽ دوران انتظامي لاپرواھي سبب شاگردن جا سامان گم ٿي ويا،هنن چيو ته  ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ ميرٽ جي سڌي ريت لتاڙ آھي. سنڌ ۾ ھٿ وٺي ادارن کي تباھ ڪيو ويو آھي. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ نوڪري جي وڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ پرچي جي آئوٽ ٿيڻ جو نوٽيس وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.