ڪراچي ( رپورٽر ) منگهو پير جي علائقي يار محمد ڳوٺ ۾ جوابدار پنهنجي ڀاڄائي ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار علي خان پنهنجي 30 ورهين جي ڀاڄائي شهزادي ۽ 25 ورهين جي نوجوان نواب خان کي گوليون هڻي قتل ڪيو، مقتولن جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولڻ جي وارثن جوچوڻ آهي ته شهزادي جو مڙهه ڏيڍ سال اڳ فوت ٿي ويو هو، کيس 3 نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار علي خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سرڪاري اسپتال ۾ عورت ايم ايل او نه هئڻ سبب عورت جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو.