ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته دهشتگرديءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڪيئن ڏنو وڃي، جيڪڏهن بار بار وارننگ ڏيڻ باوجود اهو سلسلو بند نه ٿيو ته دهشتگردن جي ڳجهن هنڌن تي داخل ٿي کين سبق سيکارينداسين. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته اسان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي افغان ڀائرن کي پناهه ڏئي رهيا آهيون پر دهشتگردن ۽ دهشت گردن کي روڪڻ بدران انهن کي پناهه ڏني وئي آهي دهشتگردن جي اڏن، جديد هٿيار ۽ سهولتن تائين پهچ ڏيڻ هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کي هٿيار فراهم ڪيا ويا آهن، طالبان جا هيٺين سطح جا ڪمانڊر به ساڻن گڏ آهن، 31 آڪٽوبر واري زوب واقعي ۾ به 6 افغان دهشتگرد ملوث هئا، اهڙي طرح آمريڪي ڪانگريس پاڻ چئي چڪي آهي ته افغان طالبان پنهنجي فرنچائز بندش پيل ٽي ٽي پي کي هٿيار ڏنا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته انٽيليجنس رپورٽون درست آهن.