ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ٻارڙن جو عالمي ڏينهن دنيا کان مطالبو ڪري رهيو آهي، ته غزه ۾ ٻارڙن خلاف جاري ظلم کي فوري طور تي روڪرائڻ گهرجي، غزا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ ٻار اسرائيل جي بارود جو نشانو بڻجي رهيو آهي، معصوم ٻارڙن جو قتل بربريت جي انتها ۽ غليظ شڪل آهي. فلسطيني ٻارن تي ٿيندڙ ظلم تي انسانيت هميشه شرمنده رهندي،دعاڳو آهيون پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارڙن جو مستقبل امن ۽ خوشحالي سان ڀريل هجي، ملڪي وسيلن تي سڀ کان پهرين حق ٻارن جو آهي، اسان جا ٻار ئي پاڪستان جو سڀ کان قيمتي خزانو ۽ روشن مستقبل آهن.