بيجنگ(م ڊ) چين عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها غزه ۾ ٿيندڙ انساني الميي کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻي. فرانس جي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ هلندڙ هفتي اسرائيل فلسطين جي صورتحال تي ڳالهين لاءِ دوري تي آيل فلسطين، انڊونيشيا، مصر، سعودي عرب ۽ اردن جي پرڏيهي وزيرن کي پنهنجي شروعاتي ڳالهين ۾ چيو ته اسان کي غزه جي صورتحال کي فوري معمول تي آڻڻ ۽ وچ اوڀر ۾ جلد امن بحال ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل سميت ٻين کي ٻڌايو ته غزه ۾ هڪ انساني تباهي پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته غزه جي صورتحـال سڄي دنيا جي سمورن ملڪن کي متاثر ڪري ٿي، جيڪو صحيح ۽ غلط جي انساني احساس ۽ انسانيت جي گهٽ ۾ گهٽ درجي تي سواليه نشان آهي. جڏهن ته مسلم ملڪن جا وزير روس جو به دورو ڪندا.جڏهن ته چيني صدر فرانسيسي صدر ميڪرون سان رابطو ڪيو جنهن ۾ اسرائيل حماس جنگ تي ڳالهيون ڪيون ويون، تڪرار ۾ وڌيڪ انساني المئي کان بچڻ تي اتفاق ڪيو ويو