غزا(م ڊ) اسرائيل جي گورکن اعتراف ڪيو آهي، ته غزا ۾ هر ڪلاڪ ۾ اسرائيل فوج جو هڪ اهلڪار مارجي رهيو آهي ۽ ان ويڙهه ۾ اسرائيل جي قابض فوج جي مارجڻ جو انگ سرڪاري طور تي اعلان ڪيل انگ کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. فلسطين جي خابرو اداري مطابق اسرائيلي فوجي قبرستان جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ اورين باروخ چيو آهي، ته 50 فوجين کي هن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي. جتي هو گذريل ٻن ڏينهن دوران ڪم ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته شايع ٿيل هڪ ويڊيو ڪلپ ۾ چيو ويو آهي ته قبرستان ۾ هر ڪلاڪ يا اڌ ڪلاڪ ۾ هڪ فوجي جو لاش دفن ڪيو پيو وڃي. هڪ گورڪن ٻڌايو ته وڏي انگ ۾ قبرون کوٽڻيون پئجي رهيون آهن.