ن ليگ جو بيانيو ”اسان جي ڳالهه ٿي وئي“ بڻجي ويو: پي ٽي آءِ

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته شريف خاندان سياست کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي،مسلم ليگ  ن جو سفر ”ووٽ کي عزت ڏيو“ کان ”اسان جي ڳالهه ٿي وئي آ“ تائين جو آهي، هن چيو ته نواز شريف پاڪستان ۾ عالمي اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو آهي، پرڏيهي طاقتن نواز شريف سان ڊيل ان ڪري ڪئي ته جيئن هو پاڪستان مان پنهنجا گهربل مقصد حاصل ڪري سگهن، جڏهن ته عمران خان جو نظريو پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ آهي، هو ڪو به ٺاهه نٿو ڪري سگهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته جنهن طريقي سان ثابت ٿيل ملزم کي سهولت ڏني پئي وڃي، رياست جو اهو ڪردار مجرماڻو آهي ۽ ڇا پاڪستان ۾ آئين، قانون يا اخلاقيات جو ڪو تصور هوندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.