اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ارڙهين ترميم جو شوشو اٿارڻ خطرناڪ آهي. ڊان نيوز کي انٽرويو ڏيندي پرويز اشرف چيو ته سويلين جيڪڏهن فوجي ٿاڪن تي حملا ڪن ته ڪيس فوجي عدالت ۾ هلڻ گهرجن. 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم کي سياسي بيان نه ڏيڻ گهرجن، نگران جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي. سليڪٽڊ وزيراعظم ڪڏهن به چونڊيل وزيراعظم وانگر آزاداڻي نموني ڪم نه ڪري سگهندو. نواز ليگ کي ارڙهين ترميم جو معاملو نه ڇيڙڻ گهرجي ها. نوجوانن کي به اڳتي اچڻ ڏنو وڃي پر 70 ورهين جا سياستدان به ضروري آهن. نوجوانن کي عورتن کي اڳتي آڻڻو پوندو، انهن جي تربيت به ڪرڻي پوندي. چونڊون تڪراري ٿيڻ سبب حڪومتون نتيجا نه ٿيون ڏئي سگهن. ترميم ڪرڻ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گهرجي. اهڙو بحث ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ چار وحدتون آهن. آصف زرداري صدر طور مشرف جا رکيل اختيار واپس پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا. ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ترميم جو شوشو ڇڏڻ خطرناڪ آهي. آصف زرداري چونڊن بابر مطمئن آهي.