ارڙهين ترميم ختم ٿيڻ جون ڳالهيون پيون ٿين، اڳواٽ نتيجن سان چونڊن جو ڪهڙو فائدو؟بلاول

نوشهره(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ پارٽي ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، جيالا عام چونڊن لاءِ تيار آهن، مخالفن کي چئون ٿا ته اوهان پنهنجي منشور ۽ ووٽرز جي آڌار تي اليڪشن وڙهو، سرڪاري مشينري ۽ انتظاميا جي زور تي چونڊون وڙهڻ درست ناهي،نوشهره ۾ ورڪرز  ڪنوينشن کي خطاب ڪندي  بلاول ڀٽو ن ليگ تي اڻ سڌي ريت تنقيد ڪندي  چيو ته جيڪڏهن اليڪشن کان اڳ ئي نتيجا سامهون اچڻا آهن ته پوءِ پولنگ تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس عام چونڊون صاف ۽ شفاف يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن، ائين نه ٿيو ته هڪ پارٽي ڪامياب ٿي ويندي ۽ ٻي ڌانڌلي جا الزام هڻي ڌرڻا هڻي،بلاول چيو ته هڪ وزير اعظم ٿي ويندو ته ٻيو ڌانڌلي جا الزام هڻي ڌرڻا هڻندو، ملڪي مسئلن کان ڇوٽڪاري جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي،هن چيو ته جيڪي ماڻهو 30 سالن کان سياست ڪري رهيا آهن انهن کي هڪ اليڪشن لاءِ ملڪ کي داءُ تي نه لڳائڻ گهرجي.اسان ڪنهن ٻئي جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، پاڪستان جي عوام جو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،هن چيو ته جنهن کي سڀني کي جيل موڪلڻ جو شوق هو، اهو غريب هاڻي پاڻ جيل ۾ آهي، شايد هاڻي کيس ڪجهه سمجهه ۾ اچي.هن چيو ته هي ماڻهو جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته چوندا آهن ته ايوب خان کان بهتر ڪو به ليڊر نه هو، جڏهن حڪومت مان نڪرندا آهن ته ڀٽو بڻجڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اختلاف راءِ جي باوجود چونڊن ۾ حصو وٺڻ سڀني جو حق آهي ڇو ته اسان سڀني کي اسيمبلي ۾ پهچي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.بلاول ڀٽو چيو ته هڪ ته جيل ۾ آهي جڏهن ته ٻيا اهي آهن جيڪي چون ٿا ته ”اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي“، ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت اسان جي آهي.سندس چوڻ هو ته جڏهن پنجاب ۾ 20 ضمني چونڊون ٿي رهيون هيون ته کين هڪ به سيٽ نه ملي سگهي.بلاول ڀٽو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته لاهور ۾ سندس لاءِ جلسو ڪرايو ويو. هاڻي اهي زور شور سان چئي رهيا آهن ته هو ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ايندا ۽ ارڙهين ترميم کي تبديل ڪندا.هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته واپاري برادري ترقي ڪري، صنعت ترقي ڪري، معيشت ترقي ڪري، واپاري برادري کي پنهنجي ترقي عوام سان شيئر ڪرڻي پوندي، مزدورن کي انهن جي محنت جي حساب سان پگهار ڏيڻي پوندي،هن چيو ته نوازشريف چوي ٿو ته امير سيڙپڪاري ڪن ته انهن کان سوال نه پڇو، سمجهان ٿو ته اهو غلط آهي، اسان ضرور سوال پڇنداسين، اسان پڇنداسين ته مقامي ماڻهن کي ڪيتريون نوڪريون ڏنيون ويون، پگهار ڪيتري رکي آهي؟ هن چيو ته 30 سالن کان سياست ۾ رهندڙ سينيئرن کي گذارش آهي ته اليڪشن انتظاميه جي زور تي نه وڙهن، سينيئر سياستدانن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي جدوجهد ۽ منشور جي بنياد تي چونڊون وڙهن، هن دعويٰ ڪئي ته اليڪشن کانپوءِ اسان اهو اُٺ هونداسين، جتي هي اُٺ ويهندو اتي حڪومت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.