اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خاص عدالت جي جج جي مقرري ۽ سائفر ڪيس جو جيل ٽرائل روڪڻ بابت منع نامي ۾ اڄ تائين واڌ ڪئي آهي. سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل بيئنچ ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته جج جي مقرري جو معاملو به اهم آهي، ڪجهه حقيقتون عدالت آڏو رکندس، عدالت چيو ته عدالت جي اٽارني جنرل جيڪي دستاويز رکيا، انهن موجب جج جي مقرري جو پراسس هاءِ ڪورٽ مان شروع ٿيو. اسلام آباد ۾ ڪيترائي ماتحت عدليه جا ججز موجود آهن، حڪومت هڪ مخصوص جج کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي چارج ڏني. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل هن عدالت ۾ رڪارڊ پيش ڪيو هو، اسان دستاويز ڏٺا آهن. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي اهي دستاويز به نه ڏيکاريا ويا. عدالت خاص عدالت جي جج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ۽ سڪيورٽي خدشن بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي. عدالت خاص عدالت جي جج جي مقرري ۽ سائفر ڪيس جو جيل ٽرائل روڪڻ بابت منع نامي ۾ اڄ تائين واڌ ڪري ڇڏي.