شرمسار آهيون، فلسطيني ٻارڙن جو هولو ڪاسٽ پيان ڏسون: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج هٿان فلسطيني ٻارڙن جو هولو ڪاسٽ ڏسي رهيا  آهيون، اسان غزه جي ٻارن آڏو شرمسارآهيون، فلسطيني ٻارن جو قتلام فوري طور بند ڪيو وڃي.نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٻارن جي عالمي ڏينهن بابت تقريب کي خطاب وڌيڪ چيو ته اسرائيلي رياست سمجهي ٿي ته اها فوج جي ڪري گهڻي طاقتور آهي، پيشيور فوج ڪنهن فوج سان مقابلو ڪندي آهي. هن چيو ته فوجون معصوم ٻارڙن جو قتلام نه ڪنديون آهن، هٿين خالي ٻارن جو قتل انساني ۽ عالمي حقن جي سنگين لتاڙ آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته غزا ۾ ٿيندڙ واقعن کي مذهب بدران انساني حقن جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي، غزا ۾ نسل ڪشي خلاف پاڪستان آواز اٿاريندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.