جسٽس طارق مسعود خلاف ريفرنس خارج، جسٽس مظاهر ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس طارق مسعود خلاف شڪايت متفق طور خارج ڪري ڇڏي، جڏهن ته جسٽس مظاهر نقوي ڪارروائي چئلينج ڪئي آهي. جسٽس مظاهر  علي نقوي خلاف شڪايتن جو وقفي کانپوءِ جائزو ورتو ويندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف آمنه ملڪ جي شڪايت تي غور ڪيو ويو. جڊيشل ڪائونسل جسٽس طارق مسعود خلاف شڪايت متفقه طور خارج ڪري ڇڏي. جسٽس مظاهر علي نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي پنهنجي خلاف ڪارروائي کي چئلينج ڪري ڇڏي آهي. جسٽس مظاهر نقوي وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل آئيني درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجي خلاف شروع ڪيل مهم عدليه جي آزاديءَ تي حملو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل منهنجا اعتراض ٻڌڻ کانسواءِ ايندڙ ڪارروائي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو. 27 آڪٽوبر تي جڊيشل ڪائونسل پاران پڌرائي جاري ڪري منهنجي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، مون کي ٽيڪس اختيارين طرفان ڪڏهن به ملڪيتن تي ڪو نوٽيس نه آيو آهي.جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي نوٽيس کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي . درخواست ۾ وفاق، صدر ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي. جسٽس مظاھر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي آھي تھ ڪائونسل جو ايندڙ ڪارروائي لاءِ وصول ڪيل نوٽيس به غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.