عمران منهنجي مرضي کانسواءِ گهر ايندو هو، پيري مريدي جي چڪر ۾ گهر برباد ڪري ويو: خاور مانيڪا

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور فريد مانيڪا حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن، جيو ٽي  وي تي شاهزيب خانزاده جي پروگرام ۾ خاور مانيڪا چيو ته عمران خان منهنجي مرضي کانسواءِ منهنجي گهر ايندو هو، مون کي پنڪي جي ساڻس ملاقاتن تي ڪاوڙ هئي، کيس نوڪر جي مدد سان گهر مان ٻاهر ڪڍيو ويو.هن چيو ته اسلام آباد ۾ عمران خان جي ڌرڻي دوران بشريٰ جي ڀيڻ مريم وٽو بشريٰ کي عمران خان سان ملاقات  ڪرائي، اسان جي شادي کي 28 سال گذريا، اسان جي زندگي ڏاڍي خوشگوار هئي پر عمران پيري مريدي جي آڙ ۾ اسان جي کلندڙ مسڪرائيندڙ گهر کي تباهه ڪيو.هن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي اسلام آباد ۾ ملاقاتون شروع ڪيون، منهنجي ماءُ چوندي هئي ته عمران خان سٺو ماڻهو ناهي، کيس گهر ۾ اچڻ نه ڏيو، رات جو فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، فرح گوگي، عمران جي درخواست تي کيس ڳجهو فون نمبر فراهم ڪيو ۽ موبائيل فون تي ڳجهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا.خاور مانيڪا چيو ته بني گالا ۾ منهنجو پنهنجو گهر هو، بشرا مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ عمران خان جي گهر ويندي هئي.هن وڌيڪ چيو ته شادي کان 6 مهينا اڳ بشريٰ بي بي مون کان الڳ ٿي پنهنجي گهر هلي وئي، مان پاڪپتن ۾ سندس گهر ويس ۽ کيس مون سان گڏ هلڻ لاءِ چيو، بشرا بي بي جواب ڏنو ته ميان صاحب هاڻي نه، پوءِ هڪ ڏينهن فرح گوگي مون کي پنهنجي موبائيل تي ميسيج ڪيو ته پنڪي کي طلاق ڏيو.هن چيو ته مان بشرا وٽ ويس ۽ ان کان پڇيو ته ڇا تون طلاق چاهين ٿي؟ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ جواب نه ڏنو، مون 14 نومبر 2017ع تي فرح گوگي جي هٿ ۾ بشرا بي بي کي طلاق جو سرٽيفڪيٽ موڪليو، بعد ۾ فرح گوگي فون ڪري طلاق جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو چيو، زلفي ۽ فرح فون تي مون کي چيو ته  عمران خان وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، خاموش رهو.هوءَ عمران خان سان ڏيڍ مهيني کانپوءِ شادي ڪري وئي، مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي ان شادي جي خبر نه هئي، ان ڪري جڏهن جيو ۽ دا نيوز ان شادي جي خبر بريڪ ڪئي ته انهن ان جي ترديد ڪئي.هن چيو ته عمران ۽ بشريٰ رات دير تائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا هئا، منهنجي اعتراض تي انهن لڪ ڇپ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، عمران ٻه ٻه ڪلاڪ گهر اچي ويندو هو، پنڪي چوندي هئي ته روحاني تربيت ٿي رهي آهي،عمران جي اچڻ سان منهنجا گهرڀاتي ڊسٽرب ٿيندا هئا، پنڪي مون کي ٻڌائڻ کان بغير بني گالا هلي ويندي هئي، مان اعتراض ڪيو ته پنڪي چوندي هئي ته اهو روحاني تربيت جو معاملو آهي، اسلام آباد کان واپسي تي پنڪي جي طبيعت تبديل ٿي وئي هئي، اچڻ کانپوءِ هن جو چوڻ هو ته لاهور ۾ نه رهنديس، پنهنجي والده جي گهر رهنديس، هوءَ سامان کڻي هلي وئي، مهيني ۾ ئي فرح جو فون اچي ويو، اسان جا جهيڙا به وڌي ويا هئا، مون طلاق نامي تي صحيح ڪري فرح حوالي ڪيو، هن چيو ته اتان کان اوچتو خبر پئي ته ٻنهي جو نڪاح ٿي ويو،عون چوڌري صحيح پيو چوي ته بشريٰ عدت دوران عمران خان نڪاح ڪري ڇڏيو، فرح گوگي مون کي فون ڪري چيو ته طلاق نامي تي تاريخ تبديل ڪرڻي آهي، مون ڪاوڙ ۾ فون بند ڪري ڇڏيو،پنڪي نديم ملڪ جي پروگرام ۾ غلط ڳالهه ڪئي،عدت بابت هن جو بيان غلط هو،ڪڏهن پير ۽ مريد به پاڻ ۾ شادي ڪندا آهن؟هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون واقعي جيو ۽ جنگ جي رپورٽنگ تي اعتراض ڪندي عمران خان جو دفاع ڪيو هو، اهڙو ڪهڙو مرشد خانو هو جو رات ۾ عمران خان اچي ويهي رهندو هو، هن چيو ته مون تي هڪ ڪيس ٿيو آهي، اهو ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان، پنڪي 5 ٻار ڇڏي هلي وئي، اسان جي ٻچن جو حال ڪنهن پڇيو؟ نيازي جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان قوم کان رڳو گاريون ئي ٻڌيون، وڏي ڌيءَ پروٽوڪول ۾ نڪاح ڪرايو،چئن سالن جي ڌيءُ طلاق بعد اڄ تائين ماءُ سان ناهي ڳالهايو، هن چيو ته فرح گوگي جي مڙس احسن جميل گجر سان منهنجي خاندان جا ڪي به لاڳاپا نه هئا،مان هن کي نه ڄاڻيندو هئس، ڊي پي او گوجرانوالا کي هٽائڻ واري سوال تي هن چيو ته فرح گوگي اسان جي گاڏي روڪڻ تي ڊي پي او کي هٽرايو هو،فرح گوگي ۽ احسن گجر جي کنيل قدمن تي منهنجو نالو ورتو ويندو هو، اهي ٻئي اسان جي ٻارن جا پاڻمرادو گارجين بڻجي ويٺل هوندا هئا، ،پيرڻي بشريٰ بي بي۽ مريد عمران نيازي جي وزيراعظم بڻجڻ بعد احسن گجر منظر عام تي آيو هو،پنجاب ۾ مقرريون بدليون احسن گجر ۽ فرح گوگي ڪرائيندا هئا،نالو منهنجو ورتو ويندو هو،منهنجا اثاثا عمران دور ۾ نه وڌيا هئا، اسٽيبلشمينٽ اسان جي اثاثن کي چيڪ ڪري چڪي آهي، فرح گوگي وٽ شروع ۾ 35 لک هئا، ان کانپوءِ هن جا اثاثا وڌي ويا هئا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.