نگران سرڪار پاران پ پ دور ۾ ڪويتي ڪمپني کي ڪينجهر جي ايراضي ڏيڻ واري رٿا رد

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي سنڌ حڪومت جو ڪارنامو سياحتي منصوبي ۾ ثقافت ۽ سياحت  کاتي کي شامل ئي نه ڪيو ويو.  ڪينجر ڍنڍ تي سياحتي منصوبي ۽ ساڍا 6 هزار ايڪڙ ايراضي ڪويتي ڪمپني کي ڏيڻ جي منصوبا بندي جو  معاملو نگران وڏي وزير غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.  اڳوڻي سنڌ حڪومت پاران ڪينجهر ڍنڍ تي سياحتي منصوبو جوڙيو  هو جيڪو نگران حڪومتغيرقانوني قرار ڏيندي سوال اٿاريو  ته ڄاڻايل سياحتي منصوبي ۾ سياحت کاتي سميت آبپاشي کان مشوري ۽ ماحولياتي اسٽڊي بنا منصوبو ڪيئن تيار تيار  ٿيو آهي اعتراض ڪري سمري رد ڪري ڇڏي.  هوڏانهن  عوامي آواز سان ڳالهائيندي سيڪريٽري ڪلچر عبدالعليم لاشاري چيو ته سياحتي منصوبي بابت سمري نگران حڪومت رد ڪري ڇڏي آهي  نگران وڏي وزير پاران لڳايل اعتراض وصول ٿيا آهن پر آءُ تفصيل سان نه  پڙهي سگهيس پر اهم اعتراض اهو آهي ته ثقافت ۽ سياحت کاتي کي سياحتي منصوبي ۾ شامل نه ڪيو ويو جيڪو ثقافت ۽ سياحت سان جڙيل آهي تنهن ڪري سمري رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.