ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ڪندڙ جاچ آفيسرن جا نالا به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ظفر ۽ عادل سميت ٻين جي درخواستگذارن تي ٻڌڻي ڪئي عدالت ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل شهرين جي جاچ ۾ ناڪام ٿيندڙ آفيسرن جا نالا به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن، جيڪو به جاچ آفيسر ڪوتاهي ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت اهو سمجهندي ته انهن جاچ آفيسرن به شهرين جي گمشدگي ۾ مدد ڪئي، ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ حاڪم شيخ چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت هيل تائين جي آءِ ٽي جا 9 ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا 2 اجلاس ٿي چڪا آهن، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عادل پنهنجي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، هن وقت تائين ڪنهن مدد ناهي ڪئي، هن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت ڪاوڙجو ظاهر ڪندي چيو ته عوام جو صبر ختم ٿي رهيو آهي، وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽريز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان 18 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ايم اين اي امجد نيازي 9 مئي ڪيس ۾ گرفتار
ميانوالي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر امجد خان نيازي کي ميانوالي مان گرفتار ڪيو ويو. امجد نيازي اداري جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ جهاز جو ماڊل ساڙڻ جي ڪيس ۾ گهربل هو امجد نيازي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ هٿيار ڦٽا ڪري رهيو آهيان، منهنجي خلاف ڪيس ڪوڙا آهن.پوليس موجب امجد نيازي خلاف 9 ۽ 10 مئي تي ڀڃ ڊاهه جا ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.