غزا(م ڊ ) اسرائيلي فوج غزه جي پٽي جي اترئين پاسي موجود انڊونيشيا جي انتظام هيٺاسپتال جو گهيراءَ ڪري ٽينڪن سان شديد گولا باري شروع ڪري ڏني روسي خابرو اداري تاس الجزيره ٽي وي جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي ٽيڪن جي حملي سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪيترائي مريض ۽ طبي عملو شهيد ٿي ويو آهي گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئي ڇڏيو آهي غزه جي اسپتالن جي ڊائريڪٽر محمد زقوت اعلان ڪيو آهي، ته ڪيترن ئي ڏينهن کان گهيراءَ بعد آخر ڪار غزا جي الشفا ميڊيڪل ڪاميپليڪس مان وقت کان اڳ پيدا ٿيل سمورن 41 ٻارن کي منتقل ڪيو ويو آهي.صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊنوم گيبروسيس آهي ته غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي ،هوڏانهن اسرائيل جي فوج اولهندي ڪناري ۾ مختلف ڪارروائين دوران وڌيڪ 38 فلسطينين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.