غزا(م ڊ) غزا جي ڏاکڻين علائقن جي صورتحال به اترين علائقن جهڙي ٿيندي پئي وڃي، الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيل غزه جي ڏاکڻين لائقن تي مسلسل بمباري ڪري رهيو آهي،لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين تي فائرنگ ڪئي پئي وڃي، النصرات پناهگيرن جي ڪيمپ ۽ هڪ ٻي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ ٻن صحافين سميت 31 فلسطيني شهيد ٿي ويا،خان يونس ۾ به گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، اسرائيل جي هڪ يورپي اسپتال تي تازي حملي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،هوڏانهن قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو آهي ته غزا ۾ يرغمال ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل آچر ڏينهن دوحا ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.ان موقعي تي قطري وزيراعظم چيو ته کيس هاڻي وڌيڪ يقين آهي ته يرغمالين جي آزادي لاءِ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪا ڊيل ٿي سگهي ٿي، هن جوزف بوريل سان غزه ۾ فوري جنگ بندي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.قطري وزيراعظم چيو ته غزه جي شفا اسپتال ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڏوهه آهي، غزه ۾ يرغمال ٿيلن جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن، يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهين ۾ باقي چئلينج تمام گهٽ آهن.ٻئي طرف آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس غزه ۾ 5 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن.واشنگٽن پوسٽ ٻڌايو آهي ته ٻنهي ڌرين يرغمالين جي آزاديءَ جي بدلي ۾ غزه ۾ 5 ڏينهن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.آمريڪا ۽ اسرائيل ان ڳالهه کي رد ڪري چڪا آهن ته ڪنهن به ڊيل تي پهچي ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته يرغمالين جي آزادي بابت ڪيتريون ئي غلط رپورٽون آهن.