سپريم ڪورٽ جو افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر سميت ٻين پرڏيهين جي واپسي روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي ان چيمبر اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.
عدالت افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.