حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي اٺين ورسي جي موقعي تي قاسم آباد جي مقامي هال ۾ ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي شهادت کانپوءِ جيڪا پارٽي قاسم مان کٽي وئي، اهي ئي ان جا قاتل آهن، پر رياست انهن قاتل کي گرفتار نٿي ڪري، سنڌ جي حق حڪمراني اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪئي آهي جيڪي سنڌ دشمن قوتن جا سهولتڪار بڻجي ڪم ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته ايوب خان وٺي آصف علي زرداري تائين سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نيلام ٿينديون رهيون آهن،هن چيو ته اسان سنڌ اندر ميرٽ چاهيون ٿا، پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ ۾ وڏي تباهي ڪئي آهي، پيپلزپارٽي جي حڪمراني واري دور سنڌ کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ دوست اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ گهرجي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري گهر گهر وڃي سنڌ جي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه ڪئي، ان ئي ڏوهه ۾ کيس قتل ڪيو ويو، افغاني رڳو پنجاب ۾ ناهن، افغاني سڀ کان وڌيڪ سنڌ اندر آباد آهن، پر سنڌ ۾ انهن خلاف ڪو به آپريشن نٿو ٿئي، جيڪا رياست جي ٻٽي پاليسي آهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو چيو ته سنڌ ڌارين حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي. شاگرد اڳواڻ امر آڪاش چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري تاريخ ساز ماڻهو هوميرٽ جي لتاڙ ڪندي پيپلزپارٽي سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن ذريعي پنهنجي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون، سنڌ جي غريب ۽ مسڪين شاگردن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي اعتبار نٿا ڪن. ڊاڪٽر قمر الزمان راڄپر چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، هر ڏينهن بيگناهه نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن سان انصاف نٿو ڪيو وڃي .سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌ جي وڏيرن ۽ سردارن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون، جيڪا سڌي ريت ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان ناانصافي آهي، عدالتون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي جو نوٽيس وٺن. امير علي ٿيٻو چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري سياست کي عبادت سمجهيو هو، پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي 95% سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻي ايندڙ نوجوانن کي نوڪري نٿي ملي،