اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عام چونڊن جون سرگرميون شروع ٿيڻ شرط ميڊيا تي سياسي پارٽين ۽ مختلف ادارن جو دٻاءُ اچڻ شروع ٿي ويو اهي، نتيجي طور فرمائشون پوريون نه ڪري سگهندڙ صحافي بيروزگار ٿي رهيا آهن يا ميڊيا ادارا تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.
نامياري صحافي شاهد ميتلا جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نامياري اينڪر اطهر ڪاظميءَ کي ٽي وي چينل تان فارغ ڪيو ويو،تازو نامياري اينڪر محمد مالڪ 92 نيوز چينل تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.
اطلاع آهن، ته نئون چينل پي اين اين جي نالي سان اچي رهيو آهي شايد محمد مالڪ ان ۾ هليو وڃي. جڏهن ته اطلاع اچي رهيا آهن ته اي آر واءِ تان مهر بخاري به استعيفيٰ ڏئي رهي آهي، پر ان جا خانداني ذريعا استعيفيٰ جي ترديد ڪري رهيا آهن.
ان سلسلي ۾ پي اين اين چينل جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مهر بخاري سان 90 سيڪڙو معاملا طئه ٿي ويا آهن، ان کان اڳ نامياري اينڪر ڪاشف عباسي بابت به مختلف افواهه هلي رهيا هئا پر هو موڪل تي ويل هو ۽ اڄ کان شايد پروگرام شروع ڪندو. چوڻ جو مقصد آهي ته چونڊن جي ماحول ۾ روايت موجب ميڊيا تي گهڻ طرفو دٻاءُ اچڻ شروع ٿي ويو آهي. ان ڪري صحافي غير يقينيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن جيڪا سٺي روايت نه آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 20 نومبر 2023ع تي شايع ٿي