بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري ۾پاليسي اختلاف حقيقي يا ڏيکاءُ ؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي موقف  ۾ تضاد ان بحث کي جنم ڏنو آهي ته پيءُ  پٽ ۾ اختلاف  حقيقي آهي يا اها پاليسي آهي ته هڪڙو سخت ٻولي ڳالهائي ۽ ٻيو مفاهمت جون ڳالهيون ڪري.

نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ اهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين مان نٿو لڳي ته هو ڪنهن پاليسيءَ  تحت سخت ڳالهائي رهيو آهي، ايئن لڳي ٿو ته بلاول ڀٽو جيئن محسوس ڪري ٿو ان جو اظهار دل سان ڪري ٿو، ڇو ته اهو عام تاثر آهي ته نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئه ڪري آيو آهي ۽ هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم  ٿيندو، ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري ان عمل تي تنقيد ڪري ٿو، محسوس ڪري ٿو ته شايد چونڊون شفاف نه ٿينديون ان ڪري هن جو موقف سخت آهي.

آصف علي زرداريءَ  جي مجبوري اها آهي ته بلاول ڀٽو سندس اڪيلو پٽ آهي. ان سان گڏ هن کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪارڪردگيءَ جو به اندازو آهي. ان ڪري هو ذري برابر به خطرو کڻڻ لاءِ  تيار نه آهي. مفاهمتي سياست جو بادشاهه آهي ان ڪري معاملا  ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو تحت سلجهائڻ چاهي ٿو، ان ڪري چئي ٿو ته صاف شفاف ۽ اڻڌرين چونڊن جو ماحول آهي، اليڪشن ڪميشن تي به اعتماد آهي، پر بلاول ڀٽو زرداري کي شايد ٻيو ڪجهه  محسو ٿي رهيو آهي جنهن جو هو کليل اظهار ڪري رهيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 20 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.