ملير (جميل چانڊيو) سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس پاران بحريا ٽائون جي والاريل زمين جي سروي لاءِسپريم ڪورٽ پاران جوڙيل سروي ڪميٽي ۾ متاثر ڳوٺاڻن ۽زميندارن جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. زمينن تي والار ۽ ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جا اهم مسئلا آھن. افغانين سميت سمورن ڌارين کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي، بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ جي عملدلآمد بينچ جي فيصلي جي انحرافي ڪئي آھي، انهي ڪري سپريم ڪورٽ پاران 2018 ۾ بحريا ٽائون جي والار کي غير قانوني قرار ڏنل پهرئين فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي. انڊيجينئس رائٽس الائنس جي اجلاس کي سيد خدا ڏنو شاهه عبداالخالق جوڻيجو، الاهي بخش بڪڪ،حفيظ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جو خطاب. تفصيلي خبر موجب سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جو هڪ اهم اجلاس ملير ۾ ايڊوڪيٽ جمال ناصر جي رهائش گاه تي الائنس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاه جي صدارت ۾ ٿي گذريو ، جنهن ۾ عبدالخالق جوڻيجو ، الاهي بخش بڪڪ ، حفيظ بلوچ ، ايڊوڪيٽ ڪاظم مهيسر، سارنگ جويو ، ،ايڊوڪيٽ جمال ناصر ، ايڊوڪيٽ معين مگسي ، غلام رسول بلوچ ، حمزوپنهور ، علي نواز جوکيو ، عمران بلوچ ، علي حيدر شاه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي اجلاس کي الائنس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاهه خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ جي جوڙيل عملدرآمد بينچ جي فيصلي جي انحرافي ڪئي آھي انهي ڪري سپريم ڪورٽ پاران 2018 ۾ بحريا ٽائون جي زمينن تي والار کي ڏنل پهرئين فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي. انهي موقعي تي الائنس جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ڌاري آبادڪاري سنڌ جو وڏو مسئلو آھي،ملير ۾ ڌارين کي زمينون ڏنيون پيون وڃن، سڀني ڌارين کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي الاهي بخش بڪڪ چيو ته ڪنڊ جهنگ ۽ موئيدان جون زمينون، بحريا ٽائون کي غير قانوني طور تي ڏنيون ويون آھن حفيظ بلوچ خطاب ڪندي چيو ته اسان جو موقف سنڌ سان جڙيل آھي افغانين سميت سمورا ڌاريا سنڌ مان ڪڍيا وڃن. هن چيو ته مول ندي کان وٺي بحريا ٽائون سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آھي، اجلاس کي ايڊوڪيٽ ڪاظم مهيسر، ايڊوڪيٽ جمال ناصر، غلام رسول بلوچ ۽ ۽ٻين خطاب ڪيو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملير جي آبادگارن جي رد ڪيل ليز وارين زمينن جي بحالي متعلق جلد ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.