لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جي پارٽي اڳواڻن ۾ اختلافن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
پارٽي ذريعن موجب نواز شريف ٻنهي صوبن جي اڳواڻن کي پنهنجا اختلاف فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻنهي صوبن جا دورا اختلافن جي خاتمي سان مشروط ڪري ڇڏيا.
نواز شريف پارٽي جون صوبائي تنظيمون مڪمل طور متحد نه ٿيڻ تائين ٻنهي صوبن جا دورا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ناراض اڳواڻن کي ٻين جماعتن ۾ شامل ٿيڻ کان روڪڻ جي به هدايت ڪئي.
ن ليگ قائد سنڌ جي صدر بشير ميمڻ کي اختلاف ختم ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ بشير ميمڻ اڳواڻن کي پرچائڻ لاءِ ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون.
خيبر پختونخواهه ۾ پارٽي اڳواڻن جا اختلاف ختم ڪرائڻ جي ذميواري ڪيپٽن (ر) صفدر کي ڏني وئي آهي، جنهن پڻ ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like