اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف ريفرنس واري معاملي تي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي.
۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي، درخواست ۾ وفاق، صدر ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي.
جسٽس مظاهر نقوي طرفان وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل آئيني درخواست ۾ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجي خلاف شروع ڪيل مهم عدليا جي آزاديءَ تي حملو آهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪائونسل سندس اعتراض ڏسڻ کانسواءِ ڪارروائي جو نوٽيس اماڻيو، سپريم جوڊيشل ڪائونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري سندس بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي.
ھن درخواست ۾ وڌيڪ چيو تھ ظاھر ڪيل اثاثا جج خلاف ڪارروائي جو بنياد نٿا ٿي سگھن، ٽيڪس اختيارين طرفان اثاثن تي ڪڏھن ڪو نوٽيس ناھي آيو، سندس خلاف شروع ڪيل مھم عدليا تي حملو آھي.
جسٽس مظاھر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي آھي تھ ڪائونسل جو ايندڙ ڪارروائي لاءِ وصول ڪيل نوٽيس بھ غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.
You might also like