اسلام آباد(م ڊ) سوشل ميڊيا تي فلسطين جي جاري مسئلي تي پروپيگنڊا سامهون اچي وئي.هڪ سياسي پارٽي جي حمايتين سوشل ميڊيا تي فلسطين جي مسئلي تي پروپيگنڊا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان تي اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي جو ڪوڙو الزام لڳايو آهي.ان سوشل ميڊيا پروپيگنڊا کي ڀارتي ميڊيا خبر طور پيش ڪيو.سوشل ميڊيا تي پاڪستان کان هٿيار کڻي ويندڙ جهاز جي ڪوڙي ۽ من گھڙت ڪهاڻي ٻڌائي وئي.حقيقت ۾ بحرين کان راولپنڊي جي اڏام افغان پناهگيرن کي کڻي وئي هئي، اسرائيل کي هٿيار کڻي نه وئي هئي، پاڪستان غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي هر سطح تي مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي وزارت فلسطين بابت پنهنجو واضح موقف بار بار ڏئي چڪي آهي، جيڪا بلڪل واضح آهي.
اسرائيلي ظلمن خلاف سڄي دنيا ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري
لنڊن(م ڊ) دنيا ۾ لکين ماڻهو غزا تي اسرائيل جي حملن خلاف ۽ فلسطين جي حق ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن.برطانيه، فرانس، جرمني، يونان ۽ اسپين سميت يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرين فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.اسرائيلي جارحيت خلاف لبنان، بحرين ۽ يمن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي ۾ فلسطين جي حمايت ۾ مظاهرا ڪيا ويا.رپورٽن مطابق واشنگٽن ڊي سي جي يونين اسٽيشن تي ”غزا، غزه“ جا نعرا به هنيا ويا.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته قيدين جي جلد آزاديءَ بابت ڪا به ڊيل ناهي ڪئي وئي.
ڪراچي : عورت جو لاش هٿ اچڻ وارو معاملو حل، جوابدار گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي خالي پلاٽ مان ڊرم ۾ بند پيل عورت جي لاش جو پراسرار معاملو پوليس ٻن ڏينهن اندر حل ڪري ورتو. مقتولڻ جي سڃاڻپ وزير مائي طور ٿي آهي، جيڪا پنجاب جي علائقي بهاولپور جي رهواسڻ آهي ۽ شادي شده هئي. پوليس لاش کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۾ ملوث جوابدار عادل کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب مقتول ڪراچي ۾ ٻن ڄڻن صاحب ۽ حضرت الله سان گڏ رهندي ھئي، سندس لاش ڊرم ۾ پيل هو، عورت جو قتل صاحب ڪيو آهي. ڊي آءِ جي موجب جوابدار پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو آھي ته ھو قتل ۾ ملوث ناھي پر هو ۽ حضرت الله جڏھن گھر پھتا ته وزيرمائي جو قتل ٿي چڪو ھو ۽ سندس لاش ڊرم ۾ پيل ھو، جنھن کي ھن ۽ حضرت الله ٺڪاڻي لڳايو. جڏهن ته قتل صھيب ڪيو آھي. جوابدار جو چوڻ ھو ته صھيب وزير مائي کي ڪنھن سان ڳالھائيندي ڏٺو جنھن بعد کيس قتل ڪيو. پوليس پاران مقتول عورت جي وارثن کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ آگاهي ڏني وئي آهي، پوليس جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن مقتول عورت جي وارثن ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي ته پوليس سرڪاري مدعيت تي ڪيس داخل ڪندي، جڏهن ته ٻين ٻن جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.