لاهور ( م ڊ )پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳوڻو وفاقي وزير علي نواز اعواڻ منظر عام تي اچي ويو. علي نواز اعواڻ لاهور ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي سربراهه جهانگير ترين ۽ صدر عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير علي نواز اعواڻ استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جهانگير ترين سان ملاقات ۾ علي نواز اعواڻ پنهنجي سياسي فيصلي کان آگاهه ڪيو، جهانگير ترين ۽ عبدالعليم خان علي نواز اعواڻ جي آءِ پي پي ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪيو. اڳوڻو صوبائي وزير سردار آصف نڪئي به پي ٽي آءِ ڇڏي ويو. سردار آصف نڪئي به جهانگير ترين ۽ عليم خان سان ملاقات ڪري آءِ پي پي ۾ شموليت ڪئي.