احمد آباد ( م ڊ ) آسٽريليا آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ميزبان ٽيم ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇهون ڀيرو ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريلوي بيٽر ٽريوس هيڊ ۽ لبوشين شاندار بيٽنگ ڪندي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ٽائيٽل آسٽريليا جي نالي ڪيو. ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي جتي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارت جي سڄي ٽيم 50 اوورز ۾ 240 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪي ايل راهول 66 ۽ ويرات ڪوهلي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. آسٽريليا ڀارت کي 241 رنسن جو هدف ٽريوس هيڊ ۽ لبوشين جي بهترين بيٽنگ جي ڪري 43 اوورن ۾ پورو ڪيو، هدف جو پيڇو ڪندي هيڊ ڏکي وقت ۾ سينچري ۽ لبوشين ففٽي اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي ورلڊ ڪپ کٽرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. ٽريوس هيڊ 120 بالن تي شاندار 137 جي اننگز کيڏي جڏهن ته لبوشين 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اوپنر ڊيوڊ وارنر 7، مچل مارش 15 ۽ اسٽيو سمٿ 4 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا.3 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ لبوشين ۽ ٽريوس هيڊ شاندار ڀائيواري قائم ڪئي ۽ احمد آباد جي ميدان تي ويٺل هڪ لک کان وڌيڪ ڀارتي شوقينن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. ٻنهي بيٽرز صبر سان بيٽنگ ڪئي ۽ گرائونڊ جي چئني پاسي دلڪش شاٽس به لڳايا. واضح رهي ته آسٽرليا 6 هون ڀيرو آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي، ڪينگروز 1987، 1999، 2003، 2007، 2015 ۽ هاڻي 2023ع ۾ ورلڊ ڪپ ٽرافي کٽي آهي. احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ 1 لک 32 هزار تماشائين جي گنجائش آهي، فائنل ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي مداحن جو وڏو انگ موجود هو جن ۾ ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون به شامل هيون.
ڀارت ڪرڪيٽ جي دنيا جو نئون ”چوڪر“
نئين دهلي(م ڊ)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڀارت ڪرڪيٽ جي دنيا جو نئون ’چوڪر‘ بڻجي ويو آهي.جڏهن ڪرڪيٽ ۾ لفظ ’چوڪرز‘ جو ذڪر ٿيندو آهي ته پهرين ٽيم جيڪا ذهن ۾ ايندي آهي اها ڏکڻ آفريڪا آهي،تاريخ ٻڌائي ٿي ته اها آئي سي سي ايونٽس ۾ هر ڀيري ناڪ آئوٽ ٿي وئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهي سال جو فائنل کيڏڻ ۾ به ناڪام ويون آهن. ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ شڪست کان پوء.راند ۾چوڪرجو مطلب اهو آهي ته ايونٽ جي پسنديده ٽيم غير متوقع طور تي خراب راند ڪندي هارائي.
ورلڊ ڪپ فائنل، فلسطيني شرٽ پهريل شخص جي گرائونڊ ۾ انٽري
احمد آباد ( م ڊ ) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي فائنل دوران فلسطين جي حمايت ۾ قميص پهريل هڪ شخص گرائونڊ ۾ داخل ٿيو. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو فائنل احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو، جتي آسٽريليا ٽاس کٽي ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت جي بيٽنگ دوران هڪ موقعي تي ميچ کي ڪجهه دير لاءِ روڪڻو پيو جڏهن هڪ نوجوان فري فلسطين شرٽ پهريل گرائونڊ ۾ داخل ٿيو ۽ ڀارتي بيٽسمين ويرات ڪوهلي وٽ پهچي ويو. گرائونڊ انتظاميا فوري طور تي متحرڪ ٿي ڄاڻايل شخص کي گرفتار ڪري گرائونڊ مان ڪڍي ڇڏيو.