اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي،چونڊن ۾ پ پ اڪثريتي پارٽي بڻجي اڀرندي: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيريز ( پ پ پ پ) جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ شفاف چونڊ طرف وڌي رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي چونڊن لاءِ پوري طرح تيار آهي. آچر ڏينهن هتي پارٽي سيڪريٽريٽ مان جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته مون کي اليڪشن  ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي ته هو شفاف چونڊ ڪرائيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا هر قسم جي حالتن ۾ اليڪشن وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊ ۾ پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي اڀرندي. هن چيو ته هن وقت چونڊن لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ اسان جو موقف آهي ته چونڊ وقت تي ٿئي،آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا هر قسم جي ماحول ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿي، مو ن کي پورو يقين آهي ته 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، هن چيو ته ملڪ جو ماحول هن وقت چونڊن لاءِ مناسب آهي ۽ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.