ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ورتي وئي، 41 هزار شاگردن حصو ورتو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز تحت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سال 2023-24 لاءِ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج  ايپٽيٽيوڊ ٽيسٽ ورتي وئي، ٽيسٽ ۾ سڄي صوبي مان 41 هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڪراچي جي مين يونيورسٽي روڊ تي ايڪسپو سينٽر ڪراچي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو، بلاول اسپورٽس ڪمپليڪس نوابشاهه شهيد بينظير آباد ۾ ٿي گذري. لاڙڪاڻو ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول، پي ٽي ايس بس ٽرمينل لاڙڪاڻو ۾ هڪ وقت ٽيسٽ ورتي وئي. ڪراچي ايڪسپو سينٽر مان 15 هزار، ڄامشوري ۾ 13 هزار، نوابشاهه (شهيد بينظير آباد) ۾ 4 هزار ۽ لاڙڪاڻي ۾9 هزار شاگردن حصو ورتو، ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ داخلا پوائنٽون ٺاهيون ويون، ان سلسلي ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جنهن ۾ رينجرز ۽ پوليس سميت ايمبولينس ۽ طبي امداد لاءِ رضاڪار به موجود هئا، واضح رهي ته ايم بي بي ايس جي 3600 ۽ بي ڊي ايس جي 1190 سيٽن لاءِ 41 هزار شاگردن  ٽيسٽ ۾ حصو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.