مرڪ جي ڀيڻ مهڪ واقعي بابت ڪجھه سوال ٻڌايا آھن : اياز لطيف پليجو

مانجھند ( ن ع آ ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي مانجهند پهچي مرڪ جان پيرزادو جي پوئينرن سان تعزيت ڪئي. ان  موقعي تي ھن گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو ۽ قانوني مدد جي خاطري ڪرائي. اياز لطيف پليجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مرڪ سان منهنجو واسطو واقعي کان 2 اڍائي مهينو اڳ جُڙيو هو، مرڪ اڪثر ملاقات ۾ پر اميد نظر ايندي هئي سندس خواھش ھئي هو زندگي ۾ اڳتي نڪري. هو آمريڪا انگلينڊ يا ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ وڃي روزگار ڪري. اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو ته واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ مرڪ منهنجي آفيس آئي ۽ ھن سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون سان نصيرآباد جلسي جو پروگرام پڻ ٺاهيو هو. اياز لطيف پليجو چيو ته هي سنڌ جي بدنصيبي آھي جو پڙھيل لکيل ڇوڪرين سان هي حشر ٿئي ٿو. جيڪڏھن وارث ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهين ٿا ته داخل ٿيڻ کپي، جڪيا جاچ چاهين ٿا ٿيڻ کپي، هن چيو ته مرڪ جي ڀيڻ مهڪ واقعي بابت ڪجھه سوال ٻُڌايا آھن انهن جي جاچ ٿيڻ کپي، اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جون ڇوڪريون ڀلي پيرن تي بيهن پر والدين کي اعتماد ۾ ضرور وٺن، جڏھن نياڻيون پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن ته سندن مدد ضرور ڪرڻ گهرجي پر کين ائين اڪيلو ڇڏي ڏيڻ نه گهرجي، والدين جو به اولاد سان رويو نرم هجڻ گهرجي جيئن اولاد کين هر ڏک تڪليف ٻڌائي سگهن. اياز لطيف پليجو ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته فارينزڪ سائنس جي مدد سان معاملي جي جاچ ڪري، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ جو جائزو ورتو وڃي. واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺي لاڳاپيل ماڻهن جا بيان ورتا وڃن. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعه اشرف پليجو، قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ خادم سمون، شوڪت سريوال، غلام نبي سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.