ڪراچي ۾ مورت مارچ، بنيادي حقن لاءِ مطالبا پيش

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي فريئر هال ۾ کدڙن فقيرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مورت مارچ ڪيو ويو. مورت مارچ ۾ ڪراچي سميت سنڌ  جي مختلف شهرن کان کدڙا فقير پهتا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سندن ڪميونٽي کي سڃاڻ ملڻ گهرجي ۽ انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي، صنفي سڃاڻپ، صنفي اظهار ۽ جنسي خاصيتن جي بنياد تي سندن برادري سان ڪو خراب ورتا يا نفرت کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي. اڳواڻن چيو ته کدڙن فقيرن بابت جيڪي ڪيس رپورٽ ٿيل آهن انهن تي عمل ڪرائي سڀني جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ کين انصاف ڏنو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايڪس جنس جي خواهشمندن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ايڪس جو نشانو نه ٺاهڻ گهرجي، سندن هڪ سڃاڻپ آهي ۽ ان لاءِ غيرضروري رنڊڪون نه وڌيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي سمورن شعبن ۾ کدڙن فقيرن جي ملازمت واري ڪوٽا کي لاڳو ڪيو وڃي ۽ تعليمي نصاب تي نظرثاني ڪئي وڃي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته کدڙا فقير ملڪيت جي ورهاست جي جائز حق کان به محروم آهن جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. هنن مطالبو ڪيو ته رضامندي کانسواءِ انٽرسيڪس جون غيرضروري سرجريون نه ڪرايون وڃن، حڪومت کدڙن فقيرن لاءِ هڪ پروگرام ٺاهي ۽ لوڪل ٽرانسپورٽ ۾ به سندن لاءِ ڌار جايون ڏنيون وڃن. کدڙن فقيرن چيو ته رهائش جي بحران جو ازالو ڪيو وڃي جنس جي تبديلي جي بنياد تي رهائش ڏيڻ کان انڪار کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.