ڪراچي ( رپورٽر ) ايف آءِ اي اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل ڪراچي ڪارروائي ڪندي پرڏيهه ۾ روزگار جي آڙ ۾ رقم هڙپ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيترائي پاسپورٽ هٿ ڪري ورتا آهن. ڊائريڪٽر ڪراچي زون ضعيم شيخ جي هدايت تي انساني اسمگلرن جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل بهاول اوستو جي حڪم تي ڇاپو هڻي انساني اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي جي علائقي پي اي سي ايڇ ايس مان جوابدار منصور علي کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار انساني اسمگلنگ جي سنگين ڏوهه ۾ ملوث هو، پرڏيهه ۾ روزگار جي آڙ ۾ غير لائسنس يافته شهرين کان پاسپورٽ حاصل ڪندو هو. جوابدار پرڏيهه ۾ روزگار جي نالي تي شهرين کان لکين رپيا هڙپ ڪيا. ڇاپي دوران جوابدارن جي قبضي مان ڪيترائي پاسپورٽ هٿ ڪيا ويا .جوابدارن وٽان ڪيترائي فارم، چيڪ بڪ، اسٽيمپ ۽ ٻيا سفري دستاويز پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن .