سردار ۽ ڀوتار چاهين ٿا ته عورتون قيد هجن: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سان لاڙڪاڻي جي سماج سڌارڪ زاهده ابڙو پنهنجي ساٿياڻين سميت ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي کين ڀليڪار ڪندي چيو ته عورتن جو سياست ۾ ڪردار اھم آھي، سنڌ ۾ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام چاھي ٿو ته عورتون قيد ھجن ۽ انھن جي زندگي غلامن واري ھجي، سنڌياڻي تحريڪ ڪالاباغ ڊيم،دھشتگردي، ڪرپشن ۽ ٻين منصوبن خلاف جدوجھدن جا تاريخ ساز مثال قائم ڪيا آھن، سنڌ جون عورتون، شاگردياڻيون سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿي خراب حڪمراني، ڪرپشن خلاف جدوجھد جي ميدان تي اچن، آءِ ايم ايف جي شرطن تي معاشي پاليسيون جوڙي عوام جي چيلھ چٻي ڪئي وئي آھي، بجلي ۽ گئس تمام گھڻي مھانگي آھي، انھن جون قيمتون گھٽايون وڃن، گئس جا اگھه نه وڌايا وڃن، ڪرپشن ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، خراب حڪمراني جي قيمت غريب عوام ادا ڪري رھيو آھي، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. عوام پيپلز پارٽي کي رد ڪري ٿو پر طاقتور ماڻھو دھشت ۽ پئسي جي زور تي اليڪشن مينيج ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.