مرڪ جان جي موت بابت جاچ ڪميٽي جوڙي آهي : صنعان قريشي

مانجهند ( ن ع آ ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته  مرڪ جان جو واقعو ڏکوئيندڙ آھي، مرڪ جي  موت بابت وائيس  چئرمين غلام سرور خشڪ، مومن سمون جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي آھي، جيڪا حيدرآباد پوليس آفيسرن سان ملاقات ڪري ڄاڻ وٺندي، سمورا ثبوت گڏ ڪرڻ بعد وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي. جسقم چئرمين صنعان خان قريشي، مومن جوڻو، اطهر سومرو، ديدار شام ۽ ٻين مانجهند پهچي ناري اڳواڻ مرڪ جان پيرذادو جي وفات تي سندس والد جان محمد سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صنعان خان قريشي چيو ته ڏوهه ۾ جيڪو به ملوث ھجي ان کي قوم آڏو وائکو ڪرڻ گهرجي، صنعان خان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد جا سچا پوئلڳ ڪڏھن به اهڙو ڏوهه نٿا ڪري سگهن.

قومپرست اڳواڻ مرڪ جان جو موت پرسرار بڻيل، ڪيس داخل نه ٿيو

حيدرآباد (رپورٽر) قومپرست اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جي موت وارو معاملو اڃا تائين پرسرار بڻيل آهي،  قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ قائم نسيم شاپنگ پلاز جي هڪ فليٽ مان مرڪ جان پيرزادو جي لاش ملڻ واري معاملي جو 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيو آهي، جنهن ڪري جاچ اڳتي نه وڌي سگهي آهي. مرڪ پيرزادو جي وارثن پاران کيس قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو، جڏهن ته مرڪ جان جي ٿيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ به جاري ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مرڪ جان جي موت جو ڪارڻ ظاهر ناهي ٿي سگهيو آهي، حتمي رپورٽ اڃا سامهون نه اچي سگهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ئي موت جي ڪارڻ جي خبر پوندي، جنهن لاءِ گهربل جزا چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن. نسيم نگر پوليس جو چوڻ آهي ته فريادي ڌر اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهي پهتي، جنهن ڪري سبب ڪيس داخل نه ٿيو آهي، فريادي ايندا ته قانون موجب ڪيس داخل ڪري واقعي جي شفاف جاچ شروع ڪئي ويندي.

قومپرست اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جو ٽيجهو ٿي گذريو

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ  ناري تحريڪ جي متحرڪ اڳواڻ مرڪ جان پيرذادو جو ٽيجهو ٿي گذريو،  ٽيجهي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قرآن خواني پڻ ٿي. جڏهن ته مرڪ جي والد جان محمد پيرذادو سان  جسقم جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ،  شاهه حيدر، ايجوڪيشن سوسائٽي سنڌ جو سربراهه ڊاڪٽر سيد ضياءِ شاهه، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو، سينئر صحافي ظفر هڪڙو ۽ ٻين تعزيت ڪري ڏک ونڊيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.