بحريا ٽائون ڪراچي کان ٻاهر شهر پيو ٺهي، سنڌي فلسطينين وانگر ڀوڳيندا: انڊيجينئس رائٽس الائينس

ڪراچي(رپورٽر) انڊيجينئس رائٽس الائينس بحريا ٽائون جي سپريم ڪورٽ پاران ڪرائي ويندڙ سروي ۾ مقامي ماڻهن کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي کان ٻاهر هڪ نئون شهر ٺهي  پيو، ايندڙ وقت ۾ سنڌ واسين کي فلسطينين وانگر ڀوڳڻو پوندو، اهڙو اظهار ڪراچي پريس ڪلب ۾ انڊيجينئس رائٽس الائينس جي صحافين سان ڪيل ويهڪ ۾ ڪيو ويو.  الائينس اڳواڻن حفيظ بلوچ، سلمان بلوچ، عبدالخالق جوڻيجو ۽ وڪيل عبيده صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون طئه ڪيل حدن کان نڪري کير ٿر نيشنل پارڪ تائين پهچي ويو آهي، هاڻي نيشنل پارڪ جي زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن، بحريا ٽائون ٽو الڳ سان ٺاهيو پيو وڃي، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي ملير ۽ ڄامشوري ۾ قبضا ڪيا آهن، هاڻي انڊسٽيريل زون ٺاهيو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن پر  ڪراچي سميت پوري سنڌ جي مالڪي جون دعويدار سياسي تنظيمون آواز نه پيون اٿارين، خاموش آهن، کير ٿر جي زمين تي اسپورٽس ۽ گولف سٽي ٺهن پيا، هن چيو ته زمينن جي مالڪن جون ليزون رد ڪيون ويون آهن، اسڪول ۽ روڊ تباهه ڪيا ويا آهن، زمينون، جانور ۽ پکي به متاثر ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.