آرمي چيف جو هٿياربند گروهه جو اشارو هڪ پارٽي ڏي هو؟

اسلام آباد (عوامي اواز نيوز) آرمي چيف جنرل عاصم منير اصل ۾ جيڪو تاثر قائم ڪيو پيو وڃي ته هڪ سياسي پارٽيءَ کي ڀت سان لڳايو  پيو وڃي ان تاثر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته فلسطين ۽ اسرائيل جنگ بابت پاليسيءَ تي به آرمي چيف عالمن کي اعتماد ۾ ورتو، ان سان گڏ پرڏيهين جي نيڪاليءَ  بابت آرمي چيف عالمن کي اعتماد ۾ ورتو.

آرمي چيف  چيو ته سڄي دنيا ۾ پاسپورٽ  ۽ ويزا جو نظام آهي اسان به اهو نظام لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا. جنهن جي عالمن حمايت ڪئي، جڏهن ته هڪ سياسي پارٽيءَ  بابت اڻسڌي طرح اشارو ڏنو ته ڪنهن به هٿياربندن گروهه کي طاقت استعمال ڪرڻ نه ڏني ويندي، طاقت جو استعمال صرف رياست ڪري سگهي ٿي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 18 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.