ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ پنهنجي پڄاڻي تي آهي جنهن ۾ ٽورنامينٽ جو آخري ۽ سڀ کان وڏو دنگل ميزبان ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 18 نومبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
ڀارتي ٽيم هنيئر تائين پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهي آهي ۽ روهت شرما جي قيادت ۾ کيڏڻ واري ٽيم 10 مان 10 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم شروعاتي ٻن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ لڳاتار ميچون کٽي رهي آهي ۽ ڪينگروز سيمي فائنل ۾ پروٽيز کي هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
ڀارت ۾ ٿيل ميگا ايونٽ ڪيئي تڪرار پڻ پيدا ٿيا، سڀ کان پهرين پاڪستاني صحافين ۽ تماشائين کي ويزائون جاري ڪرڻ ۾ گهڻي دير ڪئي وئي ۽ ٽورنامينٽ جي شروعاتي پريڪٽس ميچن دوران پاڪستاني تماشائي ۽ صحافي موجود نه هئا.
ڀارت لاءِ خاص بال استعمال ڪرڻ جي دعويٰ
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن رضا طرفان هڪ پروگرام دوران دعويٰ ڪئي وئي ته ٽورنامينٽ ۾ ڀارت لاءِ خاص بال ۽ ٻين ٽيمن لاءِ ٻيو بال استعمال ڪيو پيو وڃي، پر اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم حسن رضا جي دعويٰ سختيءَ سان رد ڪندي چيو ته مهرباني ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق نه بڻايو، هر ميچ لاءِ استعمال ٿيندڙ بال امپائر وٽ موجود هوندا آهن.
پچ تبديلي جو الزام
ورلڊ ڪپ دوران هڪ ٻيو تڪرار پِچ فڪسنگ جو سامهون آيو ۽ برطانوي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته آءِ سي سي آفيشلز کي ٻڌائڻ کانسواءِ وينيوز جون پِچون تبديل ڪيون ويون ۽ ڀارت ۾ موجود آءِ سي سي آفيشلز به ان حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان معاملي تي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ميزبان ٽيم کي فائدو پهچائڻ لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي.
ان ڏس ۾ آءِ سي سي کي باظابطا وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ عالمي ڪرڪيٽ باڊي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيل سيمي فائنل ميچ جي پِچ تبديلي تي بيان جاري ڪندي چيو ته ورلڊ ڪپ ڊگهو ايونٽ آهي ۽ پِچ جي تبديلي معمول جو حصو آهي، ايونٽ دوران پهريان به ڪيئي ڀيرا پِچ تبديل ٿي چڪي آهي.
ٽاس تي بحث
ان کانپوءِ هڪ ٻئي اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر سڪندر بخت طرفان سوشل ميڊيا تي ورلڊ ڪپ جي ميچن دوران ٽاس جي هڪ ٻي وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کانسواءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آءِ سي سي کي ٽيگ ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڀارتي ڪپتان هر واري ٽاس لاءِ سڪو ايترو پري ڇو اُڇلايو جو مخالف ٽيم جو ڪپتان سڪو ڏسي ئي نه ٿو سگهي ته ” هيڊ “ آهي يا ” ٽيل “
ٽاس ۾ ڪهڙو سڪو استعمال ٿيندو آهي؟
ٽاس لاءِ ڪو به سڪو استعمال ڪري سگهجي ٿو پر عام طور تي ٽاس لاءِ ان ملڪ جو سڪو استعمال ڪيو ويندو آهي جتي ميچ ٿي رهي آهي.
عاقب جاويد جو بي سي سي آءِ تي ٽاس ڌانڌلي جو الزام
ان کانسواءِ پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد به خدشن جو اظهار ڪندي الزام مڙهيو ته بي سي سي آءِ ورلڊ ڪپ جي هر ميچ ۾ ڀارت جي حق ۾ ٽاس ۾ ڌانڌلي ڪئي.
وسيم اڪرم جي راءِ
ان سموري صورتحال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته ڪير فيصلوڪندو آهي ته سڪو ڪٿي ڪِري؟ مون ان تي ڏاڍي شرمساري محسوس ٿي رهي آهي، ان معاملي تي تبصرو به نه ٿو ڪري سگهان.
سڪو اُڇلائڻ بابت ميچ ريفري جي ڪهڙي راءِ آهي؟
ان حوالي سان پي سي بي پئنل ۾ شامل هڪ ميچ ريفري نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ٻه ملڪي سيريز ۾ ته ميزبان ٽيم جو ڪپتان ئي ٽاس لاءِ سڪو اُڇلائيندو آهي پر جيڪڏهن آءِ سي سي ايونٽ هوندو ته ان ۾ ٽاس جو فيصلو ڊراز وقت تيار شيڊيول پٽاندڙ ٿيندو آهي يعني آءِ سي سي ميزبان ملڪ سان گڏجي شيڊيول تيار ڪندو آهي ۽ ڊراز ۾ جنهن ٽيم جو نالو پهريان هوندو ان ٽيم جو ڪپتان ٽاس لاءِ سڪو اُڇلائيندو.