لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاھور جي احتساب عدالت آشيانا ھائوسنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
لاهور جي احتساب عدالت جي جج ملڪ علي ذوالقرنين آشيانا ھائوسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين ڏهن جوابدارن کي ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ۽ نيب پنھنجون رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون.
نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آشيانا هائوسنگ اسڪيم ڪيس تي لاڳو نه ٿي رهيو آهي جنھن تي عدالت چيو تھ بريت جي درخواستن تي ٻن ڪلاڪن تائين فيصلو ڏنو ويندو.
عدالت اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، احد چيما ۽ فواد حسن فواد سميت ڏھن جوابدارن جي بريت بابت درخواستون منظور ڪندي کين بري ڪري ڇڏيو.
آشيانا ھائوسنگ ريفرنس مان جوابدار نديم ضياءَ ۽ ڪامران ڪياني کي ڪيس مان پھريان ئي ڊسچارج ڪيو ويو ھو.
ياد رهي ته آشيانا هائوسنگ اسڪيم ۾ نيب چيو هو ته 16 هزار غريب شهرين ان ۾ 61 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرايا هئا، ڪمپنين جي نااهلي سبب حڪومت کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو هو، عدالت ان ريفرنس ۾ ڏهن جوابدرن تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو.