اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڏهن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهه لاءِ ڀڙڪائڻ، ڏوهه جي سازش يا معاونت ڪندڙ کي ڏوهه جي مک جوابدار طور ئي ڏٺو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ضمانت سزا روڪڻ نه آهي پر عمر قيد يا موت جي سزا وارن جوابدارن کي ضمانت ڏيڻ وقت عدالتون احتياط کان ڪم وٺنديون آهن.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي لڳايل شقن ۾ موت يا عمر قيد جي سزا آهي، شاهه محمود قريشي کي به ان ئي تناظر ۾ ڏٺو ويندو اهڙن ڪيسن ۾ ڪو مناسب سبب موجود نه هجي ته ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڇوٽٰ رڳو آفيشل ڊيوٽي لاءِ آهي، شاهه محمود قريشي تي 27 مارچ تي جلسي ۾ تقرير ڪرڻ جو الزام آهي، اهو عمل آفيشل ڊيوٽي ۾ نه ٿو اچي، عدالت ضمانت رد ڪندي حڪم ڏئي ٿي ته ٽرائل 4 هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.