لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.
مسلم ليگ نون طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملاقات ۾ گڏيل سهڪار ۽ ٻه طرفن معاملن تي ڳالهه ٻول ٿي.
پڌرائي موجب، ملاقات دوران پاڪستان جي سياسي، معاشي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز شريف ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ هڪ ڀيرو وري نون ليگ کي ووٽ ڏيندو.
پاکستان مسلم لیگ (ن) کے قائد محمد نوازشریف سے امریکی سفیر ڈونلڈ بلوم کی ملاقات
لاہور: 18 نومبر
پاکستان مسلم لیگ (ن) کے قائد محمد نواز شریف سے امریکی سفیر ڈونلڈ بلوم نے ملاقات کی۔
محمد نواز شریف نے پاکستان اور امریکہ کے درمیان تعلقات کی اہمیت پر زور دیا۔ قائد مسلم لیگ (ن) نے… pic.twitter.com/E0GvNYjqaz
— PMLN (@pmln_org) November 18, 2023
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ واپار، معيشت، موسمياتي تبديلين ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهه ٻول ٿي، نواز شريف ملاقات ۾ اسرائيلي فوج هٿان بيگناهه فلسطينن جي قتل عام وارو معاملو اُٿاريو، نواز شريف فوري جنگ بندي ۽ انساني طبي امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.